شيخ طيب جو مقبرو

شيخ طيب جو مقبرو (ماڳ): هي ماڳ ضلعي خيرپور ميرس جي ڳوٺ ڪولاب جيئل جي ڀرسان واقع آهي. هي قبرستان اٽڪل 110 جريبن تي پکڙيل آهي. هن قبرستان ۾ شيخ طيب جو مقبرو ٺهيل آهي، جيڪو 2000ع کانپوءِ نئون ڪري جوڙايو ويو آهي. ان جي تاريخي حيثيت جي خبر ڪانه پئجي سگهي آهي، باقي لڳل ڪتبو هن ريت آهي: الله اڪبر، يا غفور، قرار نخل من دار الفنا، الى دارالفنا حضرت، غوث صمداني محبوب، سبحاني ميان طيب شيخ، قريشي في ليلة النهس سن 1046هه/1636ع.
هن قبرستان ۾ سومرا ۽ سما به دفنايل آهن. هڪ قبر تي 1060هه/ 1650ع لکيل آهي، اها يونس بن للو جي آهي. هن قبرستان ۾ پير صاحب پاڳاري جن جو وڏو ڏاڏو سيد محمد بقا شاهه جو مدفن به آهي، جنهن تي تازو مقبرو ٺهرايو ويو آهي. ڪتبو الڳ رکيو ويو آهي، جنهن تي 1198هه/1783ع لکيل آهي. سيد محمد بقا سان گڏ مقبري ۾ ٻيون قبرون به آهن، مقامي روايتن موجب اهي قبرون سندس والد ۽ ڏاڏي محمد امام شاهه ۽ فتح محمد شاهه جون آهن. ان کانسواءِ مقبري لڳ 14 ٻيون قبرون خسته حال آهن، جن جا در محرابي آهن ۽ ٽي وڏا قبا آهن. اهي ميرن ۽ نظاماڻين جا چيا وڃن ٿا. ان کانسواءِ عالم خان ٽالپر، سردار مير ڪرم علي خان نظاماڻي ۽ ٻين جا مدفن هتي ئي آهن.


لفظ شيخ طيب جو مقبروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو